GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ۽ ڪرغزستان پيشيوراڻي فني تربيت جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا: مدد علي سنڌي

image

اسلام آباد-23 نومبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان پيشيوراڻي فني تربيت جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي سفير اولانبيڪ ٽوٽيي جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪرغزستان جي وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ثقافت، لساني ۽ عوام وچ ۾ هڪ ٻئي سان محبت رکن ٿا، هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي واکاڻ ڪئي. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته جڏهن کان هن عهدو سنڀاليو آهي استادن جي تربيت ۽ تعليم جي معيار کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان کي پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن خاص ڪري ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ تحقيق جي مٽاسٽا ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن عوامي تعليم جي شعبي ۾ مروجه مسئلن جو ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت جي ذريعي تيار ڪيل اي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان سدائين مسلمان ملڪن سان تعاون ڪيو آهي ۽ ڪرغزستان سان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪرغزستان ۾ 11 هزار پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، هن چيو ته ان طرح جي مٽاسٽا سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا، اسان کي اي سي او جهڙن گهڻ رخي پليٽ فارمز تي به تعاون طرف ڏسڻ گهرجي. وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هن اهڙن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جو سڀ کان اهم اثاثو آهن ۽ کين هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي سفير چيو ته ڪرغزستان جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، يونيورسٽي کان يونيورسٽي تعاون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪينڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن وفاقي وزير کي ڪرغزستان ۾ استعمال ٿيندڙ ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارم جي باري ۾ به ٻڌايو جنهن جا بهترين نتيجا نڪتا آهن. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻين جي تجربن مان فائدو کڻي سگهجي. مدد علي سنڌي پاڪستان جي تعليمي نظام کي جديد بڻائڻ ۾ موجوده حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير سفير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي تاريخ ۽ ادب هڪجهڙو آهي.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں